SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Truth and Reconcilation Commision TRC

(click word to listen sound
  • 🔊
  • truːθ
  • ænd
  • reconcilation
  • commision
  • trc
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Truth and Reconcilation Commision TRC

ٽُروٿ ائنڊ ريڪنسيليئيشن ڪميشن

سچ ۽ سهڪار ڪميشن

ڏکڻ آفريقا ۾ نسلي متڀيد (Aparthied) تي ٻڌل حُڪومتي نظام جي خاتمي کان پوءِ، مُلڪي قانون ساز ادارن طرفان هڪ نيم-عدالتي ڪميشن جوڙي وئي، جنهن جو ڪم نسلي متڀيد واري نظام دوران، ڏکڻ آفريقي عوام مٿان ٿيل ظُلمن، انساني حقن جي ڀڃڪڙين، جنگي ڏوهن ۽ زيادتين جو جائزو وٺڻ ۽ نئين سرشتي جي سرسيءَ لاءِ سهڪار ۽ سهائتا ڀريو ماحول پيدا ڪرڻ هو. اها ڪميشن نسلي متڀيد جو شڪارٿيل فردن ۽ گروهن جي تسليءَ ۽ دلجوئي ڪرڻ سان گڏ، مُلڪي تعمير لاءِ درگُذر جي جذبي کي اُڀارڻ لاءِ جوڙي وئي. ان ڪري کيس ”ڏوهه جي اقرارين“ کي معافي ڏيڻ، سنگين ڏوهارين کي عوامي ٻُڌڻين آڏو پيش ڪرڻ ۽ مُلڪ ۾ رهندڙ مڙني نسلن کي بهتر آئيندي بابت آگاهي ڏيڻ هو. هيءَ ڪميشن دُنيا ۾ ٺهيل ڪُل 19 ڪميشنن مان هڪ هُئي، جيڪا 1995ع ۾ ڏکڻ آفريقي پارليامينٽ جي ايڪٽ 34: ”قومي ٻڌيءَ جي واڌاري ۽ ٺهي هلڻ واري نيتي“ تحت وجود ۾ آئي. ڪميشن جو سربراهه جڳ مشهور انساني حقن جي راهنما ”آرچ بشپ ڊسمنڊ ٽوُٽوُ“ کي مقرر ڪيو ويو. 28-آڪٽوبر 1998ع تي ان ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ نسل پرست اڳوڻي ڏکڻ آفريقي حُڪومت ۽ آزادي پسند ”آفريقي قومي ڪانگريس“ کي انساني حقن جي لتاڙ لاءِ ذميوار قرار ڏنو ۽ مستقبل ۾ قوم جي سمورين ڌُرين کي هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ڪميشن جي قيام ڏکڻ آفريقا ۾ درگُذر ڪرڻ جي جذبي کي هٿي ڏني ۽ قومي ترقيءَ کي ممڪن بڻايو. ڪميشن جي قيام بابت بُنيادي خاڪو، ڏکڻ آفريقا جي آزادي پسند اڳواڻ نيلسن منڊيلا ڏنو هو


Remember Me Also:

ڊومبڪي

اسم خاص. بلوچن جي هڪ قبيلي جو نالو ڏهه پاڙا ١. ميرازئي ٢. آدماڻي ٣. ڀُٽاڻي ٤. بوزدار ٥. گشڪوري ٦. گولاٽا ٧. گدواڻي ٨. گبول ٩. گجاڻي ١٠. لُنڊ، جي اتر سرحد سنڌ ۽ سکر ضلعي ۾ رهن ٿا.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal